ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اکين جو ماهر ڊاڪٽر بيربل مارجي ويو

0
339

ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سنجهورو واسي ڊاڪٽر قتل، پوليس جو چوڻ آهي ته گارڊن ويجهو اڻڄاتل هٿياربند ڪار تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا

گوليون لڳڻ سبب اکين جو ماهر ڊاڪٽر بيربل مارجي ويو، سندس اسسٽنٽ ڊاڪٽر قرت العين زخمي ٿي پئي، شروعاتي جاچ موجب موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي، ڊاڪٽر بيربل تي فائرنگ جا سي سي ٽي وي فٽيجز  سامهون اچي ويا

فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فائرنگ بعد ڊاڪٽر جي گاڏي پاڻمرادو بيهي وئي، ناري سپنا جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته ڪنهن ظلم ڪيو آهي، بابا مون سان گڏ ايم بي اي پاس ڪئي هئي، 2 ڀائر پرڏيهه ۾ رهن ٿا

ڊاڪٽر بيربل ڪجهه عرصو اڳ ڌيءُ سان گڏ ايم بي اي جي ڊگري به حاصل ڪئي هئي، ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ڊاڪٽر بيربل ۽ سندس ڌيءُ جو انٽرويو ٽائيم نيوز تي نشر ٿيو هو