ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ۽ ٻين ڏوهن لاءِ هٿيار ڪرائي تي ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ بي بي سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار رڳو ڏوهارين جا يا انهن جي گروهن جا نه هوندا آهن پر اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجا هٿيار ڪرائي تي ڏيندا آهن ۽ انهن کي وارداتن ۽ ڦر جي حساب سان ادائگي ڪئي ويندي آهي. رپورٽ موجب اهو انڪشاف لياقت آباد مان پڪڙيل ٻن جوابدارن حذيفه ۽ غلام مصطفيٰ جاچ دوران ڪيو. جوابدار غلام مصطفيٰ پاڻ به هٿيار ڪرائي تي ڏيندو هو. ٻنهي کي هڪ ڦر ڪيس ۾ موبائل فون آن ڪرڻ بعد پڪڙيو ويو هو. جوابدار غلام مصطفيٰ پوليس کي ٻڌايو ته آئون وارداتون گهٽ ڪندو آهيان پر پنهنجو پستول ٻين ڦورن کي ڏيندو آهيان جيڪي ڦرون ڪندا آهن ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ تي ڦريل مال مان موبائل ۽ ٻه کان 3 هزار رپيا ڏيندا آهن. هن اهو به ٻڌايو ته اهي هٿيار کيس حب جو هڪ دوست ڏئي ويندو آهي جيڪو ڪجهه مهينن بعد اچي پئسا به کڻي ويندو آهي. هن چيو ته 2016ع کان ڦورن کي هٿيار ڪرائي تي ڏئي رهيو آهيان ۽ هر پستول سان گڏ 4 گوليون به ڏيندو آهيان. پر منهنجي هٿيارن سان ڪڏهن ڪو زخمي ناهي ٿيو جو ڦورو تجربيڪار هوندا هئا ۽ اڪثر ڪراڙن يا وري نوجوانن کان ڦرون ڪندا هئا. اهو گروهه لياقت آباد، تين هٽي، پي آءِ بي، ڪريم آباد، عائشه منزل ۽ گلبرگ ۾ ڪارروائيون ڪندو آهي جنهن ۾ 12 ڇوڪرا شامل آهن ۽ اهو ڪا موبائل سم پنهنجي نالي نه ڪڍرائيندا هئا. جڏهن ته گروهه ميمبرن کي هڪٻئي جي باري ۾ ڪا گهڻي خبر نه هوندي هئي. پوليس موجب مصطفيٰ جو هڪ ڪرائي تي ڏنل پستول پوليس پڪڙيو  به هو، سندس پستولن سان 200 کان وڌيڪ ڦرون ٿي چڪيون آهن.