ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تان دڪاندار قتل، مڇريل هجوم ڦورو کي پڪڙي سخت تشدد ڪري ماري ڇڏيو، ان ڏس  ۾ گلستان جوهر جي بلاڪ 18 ۾ قاسم پيراڊائيز وٽ نامعلوم جوابدارن ڪيميڪل جي دڪان مان ڦرلٽ ڪئي،  مزاحمت تي دڪاندار 18 ورهين جي شهريار ولد نظير کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، انهي دوران شهرين مڙسي ڪري هڪ جوابدار کي پڪڙي ورتو. مڇريل شهرين جي هجوم پڪڙيل جوابدار تي ڏنڊن، لتن ۽ مڪن سان حملو ڪري ڏنو، پوليس پهچي جوابدار کي ڇڏائي موبائيل ۾ وڌو، انهي دوران به شهرين جوابدار تي تشدد ڪيو، جنهن سبب جوابدار دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار جي فوري سڃاڻپ ناهي ٿي، سندس قبضي مان پستول به مليو آهي