ڪراچي ۾ ڦر جي ڪوشش دوران ھڪ ڄڻو قتل: شھرين جي تشدد ۾ 2 مبينا جوابدار مارجي ويا

0
301
ڪراچي ۾ ڦر جي ڪوشش دوران

ڪراچي: ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ هٿياربندن جي شهريءَ کان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو

مڇريل شهرين ٻن جوابدارن کي پڪڙي ورتو، جوابدارن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سخت تشدد ۾ 2 مبينا جوابدار مارجي ويا

ان سلسلي ۾  پوليس جو چوڻ آهي ته سيڪٽر 7 اي ۾ هٿياربندن شهري کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ته ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ هڪ شهري سليم گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو، سندس 2 پٽ نعمان ۽ ذيشان زخمي ٿي پيا

فائرنگ دوران شھرين ٻن جوابدارن کي پڪڙي ورتو، شھرين جي تشدد ۾ ٻئي مبينا ڦورو مارجي ويا، مارجي ويل جوابدارن جي اڃا سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، شهري ۽ جوابدارن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا

حيدرآباد ۾ پوليس جا ڌار ڌار مبينا مقابلا، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، راهوڪي پوليس مرزا باغ وٽ هڪ جوابدار سراج سومرو کي مبينا مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ به پوليس آمريڪن ڪوارٽر وٽان مبينا مقابلي ۾ جوابدار رياض اسلام کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار اسپتال منتقل، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار ڏوهاري آهن، سندن ڏوهي رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

ڪراچي جي گلبرگ بلاڪ 12 ۾ پوليس مقابلو، 3 مبينا ڦورو مارجي ويا

قمبر ويجھو زمين جي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا