ڪراچي(اسٽا ف رپورٽر) متحده جي مرڪزي اڳواڻ  خواجا اظهار  چيو آهي ته  ڪراچي ۾ ڏهارين کي وارداتن ڪرڻ جو لائسنس مليل آهي، ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  ڪراچي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، شهر جي ڪا ڪنڊ ڦورن کان محفوظ ناهي، هن چيو ته ماضي ۾ شهر ۾ ٿيندڙ  ڏوهه  متحده جي کاتي ۾ شمار ڪيا ويندا هئا،  هينئر  ٻڌايو وڃي ته شهر ۾ ٿيندڙ ڏوهن جو ذميوار  ڪير  هوندو؟