ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڊينگي سبب هڪ مريض فوت  ٿي ويو،  جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 53 ٿي ويو،صوبي ۾ ڊينگي جا 307 ڪيس سامهون آيا، ڪراچي ۾ 189، حيدرآباد ۾ 69، عمرڪوٽ ۾ 13، ميرپورخاص ۾ 14، سکر ۾ 7، ڄامشوري ۾ 4، سجاول ۾ 6، شهيد بينظيرآباد ۾ 2، ٿرپارڪر، قمبر ۽ خيرپور ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس پهتو