ڪراچي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران حملو، تشدد، 6 ڄڻا گرفتار

0
240
ڪراچي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران حملو
ڪراچي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران حملو، تشدد، 6 ڄڻا گرفتار

ڪراچي ۾ مشهور ڊرامي جي شوٽنگ دوران فلم ڊائريڪٽر نبيل قريشي، اداڪارا حرا ماني ۽ ٻئي اسٽاف سان علائقي جي رهواسين بدتميزي ڪئي
نبيل قريشي موجب ھٿياربندن اداڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، سندن موبائل فون ۽ ٻيو سامان به ڦر ڪري ويا
خانگي ٽي وي ڊرامي جي شوٽنگ دوران ٿيل جهيڙي جو ڪيس فلم پروڊيوسر علي حسين جي درخواست تي جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايس ايس پي موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ايس ايس پي زبير نظير شيخ موجب گرفتار جوابدارن ۾ محمد علي، قادر، اويس، رحمت، مزمل ۽ ڪورب شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
ايف آءِ ار جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسان هڪ گهر ڪرائي تي ورتو هو جنهن ۾ فائرنگ ٿي رهي هئي، فائرنگ دوران 30، 40 ڄڻن گهر ۾ داخل ٿي ٽيم تي تشدد ڪيو
ايف آءِ ار موجب جوابدارن جي تشدد سبب زبير، امروز، حمزه شبير سميت ٽيم جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو