ڪراچي ۾ ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل خلاف سنجهورو ۾ شٽربند هڙتال

0
429

سنجهورو (رپورٽر) ڪراچي ۾ ناليواري آءِ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل خلاف سنجهورو شهر ۾ شٽربند هڙتال جاري آهي، هندو پنچائت ۽ ٽريڊ يونين جي سڏ تي ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي

 سنجهورو واسي ڊاڪٽر بيربل جو هڪ پٽ راجندر آمريڪا ۽ ٻيو پٽ آڪاش جرمني ۾ رهن ٿا، ٻنهي پٽن جي وطن اچڻ تي ڊاڪٽر بيربل جون آخري رسمون سنجهورو ۾ ادا ڪيون وينديون

 گذريل ڏينهن گارڊن ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ ۾ ڊاڪٽر بيربل گيناڻي مارجي ويو هو، سندس اسسٽنٽ ڊاڪٽر قرت العين زخمي ٿي پئي هئي، ڊاڪٽر بيربل جي ڪار تي فائرنگ جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون اچي ويا

 مقتول ڊاڪٽر بيربل جي ڌيءُ سپنا جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته ڪنهن ظلم ڪيو آهي، ڊاڪٽر بيربل ڪجهه عرصو اڳ ڌيءُ سان گڏ ايم بي اي جي ڊگري به حاصل ڪئي هئي، ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ڊاڪٽر بيربل ۽ سندس ڌيءُ جو انٽرويو ٽائيم نيوز تي نشر ٿيو هو

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اکين جو ماهر ڊاڪٽر بيربل مارجي ويو