لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز جي مشهور فنڪارائن صبا قمر ۽ عائشه عمر ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀڄ ڊڪ ۾ ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عائشه عمر انسٽاگرام تي لکيو ته اهڙو واقعو افسوس جوڳو آهي، هن قوم تي رحم ۽ مرندڙ ماڻهن لاءِ سڪون جي دعا پڻ ڪئي. هن وڌيڪ لکيو ته مالڪ سائين اسان جي ماڻهن کي درست طريقي سان مدد ڪرڻ جي سمجهه عطا فرماءِ، هن دعا ڪئي ته اسان جي گورنمينٽ ۽ ليڊرن کي سٺي ۽ بهترين انتظام جو طريقو اچي ته جيئن ماڻهن جون زندگيون آسان ٿين. اداڪارا صبا قمر ٽوئٽر تي لکيو ته ڪراچي کان ايندڙ خبر دل کي ڇرڪائيندڙ آهي، راشن جي ورهاست دوران ڀڄ ڊڪ ۾ 11 ماڻهن جان وڃائي ڇڏي، هن سڀني تي رحم لاءِ دعا پڻ ڪئي. واضح رهي ته افسوسناڪ واقعي ۾ 12 ماڻهن زندگي وڃائي آهي جڏهن ته 5 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.