ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جي الزام ۾ گرفتار اهلڪار طرفان ٽڪ ٽاڪر سان ٿاڻي تي مبينا جنسي زيادتي جو انڪشاف

0
347
ڪراچي ۾ اهلڪار طرفان ٽڪ ٽاڪر

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جَي الزام ۾ گرفتار اهلڪار طرفان ٽڪ ٽاڪر سان ٿاڻي تي مبينا جنسي زيادتي جو انڪشاف، ٽڪ ٽاڪر امبرين جو چوڻ آهي ته اهلڪار عثمان پوليس ۾ نوڪري جو ڏٽو ڏئي گيسٽ هائوس گهرايو، جتي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊ ڪئي.

ٽڪ ٽاڪر ناري جو وڌيڪ چوڻ  آھي تھ عثمان بليڪ ميل ڪري زيادتي ڪندو رهيو، زمان ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ويس ته عثمان اُتي به جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، زيادتي وقت هڪ اهلڪار کي چوڪيداري لاءِ ٿاڻي جَي گيٽ تي بيهاريو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته گلشن اقبال ۾ ڪارروائي دوران عثمان کي چئن ساٿين سوڌو گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن خلاف اغوا ۽ زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

ھي به پڙھندا

سول اسپتال ٽنڊو الهيار جي اڪائونٽنٽ تي ناري سان لڄالٽ جو الزام