ڪراچي/ ملير (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ طرفان ٻيهر احتجاج جي ڪوشش، وڌيڪ 5 عورت ڪارڪن گرفتار، دهشتگردي ايڪٽ جي ٽن ڪيسن سميت 9 ايف آءِ آرون داخل، 10 اڳواڻ نامزد، 800 ڪارڪن ڪيسن ۾ شامل، ان ڏس ۾ ڪالهه ٽپهري جو پي ٽي آءِ جي سڏ تي 3 تلوار تي ڪارڪن پهچڻ شروع ٿيا ته پوليس رابعه اياز ۽ فرزانه رزاق سميت 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ٻين کي ڊوڙائي ڇڏيو ٻئي طرف قائدآباد، ساحل، فيروزآباد، شاهه لطيف، ٽيپو سلطان ۽ ٻين ٿاڻن تي 9 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان 3 ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. فيروزآباد ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر آفتاب صديقي، خرم شيرزمان، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، راجا اظهر، ارسلان تاج، شاهنواز جدون، سعيد اعواڻ، عالمگير خان، فهيم خان ۽ عديل کي نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ 800 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي شامل ڪيو ويو. ايف آءِ ر ۾ ڄاڻايو ويو ته نامزد جوابدارن ڪارڪنن سان گڏجي شاهراهه فيصل تي هنگامو ڪيو، ڏنڊن ۽ هٿيارن سان روڊ تي گاڏين جا شيشا ٽوڙيا،  پيپلزبس، ٽريفڪ پوليس چوڪي، 2 واٽر بائوزر، هڪ پوليس ڪار ۽ پرائيويٽ موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. جوابدارن ٽريفڪ سگنل ٽوڙي ڇڏيا، ٽريفڪ پوليس چوڪي پڻ باهه سبب سڙي وئي، جنهن ۾ پيل باڊي ڪيميرائون، بلٽ پروف جيڪٽون، واڪي ٽاڪي ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، پوليس موجب پي ٽي آءِ پاران هنگامن لاءِ ٻين ضلعن مان ماڻهو گھرايا ويا هئا، عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيو ويو. پوليس موجب جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو