ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن پاران شارٽ ٽرم اغوا جو هڪ ٻيو واقعو

0
220
قيدين کي سهولت ڏيندڙ

ڪراچي: ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن پاران شارٽ ٽرم اغوا جو هڪ ٻيو واقعو منظر عام تي اچي ويو آهي. سچل ٿاڻي جي حد صفوران ڳوٺ ۾ بنا نمبر پليٽ واري پوليس گاڏي ۾ هڪ ڪٻاڙيءَ کي اغوا ڪيو ويو. پوليس اهلڪار، ڪٻاڙي بلال جون اکيون ٻڌي گهمائيندا رهيا. پوليس ڪٻاڙي کان هن جي مامي کي فون ڪرايو ۽ ڀنگ جا پيسا گهرايا. ڪٻاڙي جي مائٽن 25 هزار ڀنگ ادا ڪري کيس ڇڏايو. ڪٻاڙي بلال واقعي خلاف درخواست داخل ڪئي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ملوث اهلڪار معطل ڪيا ويندا.