ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ڪراچي ۾ ڄام صادق پل جي مرمت جو ٽينڊر جلد جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ ورلڊ بينڪ تحت هلندڙ منصوبن کي جلد مڪمل ڪرايو ويندو، ورلڊ بينڪ جي وفد سان ملاقات ۾ هن چيو ته نظرثاني اجلاس سڏائڻ جو مقصد منصوبن جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۽ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڄام صادق پل جي مرمت لاءِ ٽينڊر آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته  مانجهند سولر انرجي پراجيڪٽ جي پي سي ون منظوري لاءِ پلاننگ ڪميشن ڏانهن موڪلي وئي آهي، ڪراچي ۾ پراپرٽي سروي جي فني رخن تي ڪم جاري آهي، جنهن تي وڏي وزير پراپرٽي سروي  جو ڪم ايندڙ مهيني شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.