ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي کان پاڻي چورن، غيرقانوني عمارتن ۽ سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اجازت بنا  اڏيل عمارتن، پاڻي چورن توڙي ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي ۽ ايس بي سي اي سميت ٻين ادارن جي سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن  بابت 3 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ طلب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار پاران ڪراچي شهر ۾ ورهين کان سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن، پاڻي چوري سميت عام الاٽيز جي ملڪيتن تي بلڊرن ۽ ٻين بااثرن پاران ڪيل قبضن خلاف پهريون ڀيرو ميگا آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ قبضن، حددخلين، پاڻي چوري سميت غيرقانوني اڏاوتن جي خاتمي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾   قبضن، پاڻي  چوري، غيرقانوني عمارتن ۽ منشيات تي بريفنگ ڏيندي لاڳاپيل اختيارين ٻڌايو ته شهر ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن،  مختلف وقتن تي آپريشن ڪرڻ باوجود  ٻيهر حددخليون ٿي ويون آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهر ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪراچي ڊولپمنيٽ اٿارٽي ۽ ايل ڊي اي جي زمين تي قبضن جي رپورٽ جمعي تائين جمع ڪرائي وڃي، رپورٽ ۾ قبضا ختم ٿيل سرڪاري زمينن جي استعمال بابت  پلان به ٻڌايو وڃي، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته جمعي تي سمورن ادارن پاران تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي،ايندڙ هفتي آپريشن لاءِ تياري مڪمل ڪئي وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي ۽ ٻين سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا،  انهن جڳهن جي جيو ٽيگنگ پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته غيرقانوني عمارتون تعمير ڪندڙن خلاف قانون ۾ سزا گھٽ آهي، ان ڪري سزا ۽ ڏنڊ واري معاملي تي به نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهر ۾ هن وقت 6 هزار غيرقانوني عمارتون آهن. جيڪي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اجازت کانسواءِ تعمير ڪيون ويون آهن. جنهن تي چيف سيڪريٽري ايس بي سي اي جي ڊي جي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان کي غيرقانوني عمارتن جو گهٽ تعداد ٻڌايو ويو آهي، ٻيهر سروي ڪري تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. اجلاس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان منظور ٿيل عمارتن تي ڪيو آر ڪوڊ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته عوام جي سهولت لاءِ ڪيو آر ڪوڊ هر تعمير ٿيندڙ بلڊنگ سامهون لڳايو وڃي ته جيئن ماڻهو پنهنجي سمارٽ فون ذريعي عمارت جي قانوني حيثيت معلوم ڪري سگهن. هن چيو ته پوليس، رينجرز ۽ ضلعي انتظاميا زمينن تان قبضن ۽ پاڻي چورن خلاف ايڪشن ۾ حصو وٺندا، اينٽي انڪروچمينٽ فورس کي ٻين ضلعن مان وڌيڪ عملو ۽ اختيار ڏنا ويندا.