ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌ مـلاح فورم جي سربراھ ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، سنڌ ملاح فورم جي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو، سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار علي ملاح، سنڌ ملاح فورم ڪراچي ڊويزن جي صدر ماجد سڪندر ملاح، ظھور احمد ملاح، ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ايوب ملاح ۽ ٻين چيو آهي تـہ ڪراچي ۾ ٻيھر ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، جنهن جو شڪار ڊاڪٽر بيربل ۽ ڊاڪٽر قرت العين ٿيا آھن، جنھن دھشتگردي جي واقعي ۾ ڊاڪٽر بيربل شھيد ٿي ويو، جنھن عمل جي جيتري بہ مذمت توڙي ڏک ڪجي اھو گھٽ آھي، ھنن چيو تہ هو ڏکويل خاندان سان گڏ آھن. پر اڃان تائين حڪومت توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، جنھن عمل کي روڪڻ جي سخت ضرورت آھي، ھنن سنڌ مـلاح فورم جي پليٽ فارم تان اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي حملو ڪندڙ دھشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪري حملي ۾ ملوث توڙي انھن جي ساٿارين کي گرفتار ڪري انھن کي منظر عام تي آڻي عوام کي تحفظ مھيا ڪيو وڃي.