ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل ، 2 ڀائر زخمي، ان ڏس ۾ اورنگي ٽائون جي ڊسڪو موڙ وٽ ٻين ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب 35 ورهين جي حامد پٽ نورالهديٰ  دم ڏنو ، جڏهن ته طحه ۽ سندس ڀاءُ تيمور زخمي ٿي پيا، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو،