ڪراچي ۾ ٻارن جي ٻي وڏي اسپتال کي ملازمن تالا هڻي ڇڏيا

0
279
ڪراچي ۾ ٻارن جي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٻارن جي ٻي وڏي اسپتال کي ملازمن تالا هڻي ڇڏيا، نارٿ ناظم آباد ۾ سنڌ گورنمينٽ چلڊرين اسپتال جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل، ملازمن 2 مهينن تائين ايمرجنسي وارڊ بند ڪرڻ بعد او پي ڊي ۽ ڪورونا ويڪسين سينٽر ۾ به ڊيوٽي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، اسپتال جي گيٽ اڳيان ڌرڻي دوران مطالبن جي مڃتاء لاءِ نعريبازي ڪئي وئي

ملازمن جو چوڻ آهي ته اسپتال جي 390 ملازمن کي 5 مهينن کان پگهارون نٿيون ملن، جنهن سبب هو ٻچن سوڌو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، حڪومت کان پگهارون فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو، اسپتال ۾ بائيڪاٽ سبب مريض ٻار ۽ سندن والدين پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن