ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري ڪيسن جي پيروي نه ڪئي، جنھن سبب اھم ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون، وڪيلن جي ھڙتال سبب جيل مان قيدين کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جي 20 جو اجلاس ڪوٺائي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آھي، جيڪا ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.