ڪراچي ۾ وٿاڻ مان ٻڪريون چوري ٿيڻ جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا

0
163
ڪراچي ۾ وٿاڻ مان

ڪراچي: ڪراچي ۾ وٿاڻ مان ٻڪريون چوري ٿيڻ جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا، الله بخش ڳوٺ ۾ اڻڄاتل چوري وٿاڻ ۾ ٻڌل ٻڪريون چوري ڪري ويا هئا،  سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ٽن چورن کي ٻڪريون چوري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو

 مالوند جو چوڻ آهي ته  چور وٿاڻ جي در جو ڪڙو ٽوڙي اندر داخل ٿيا هئا، چور 5 لک کان وڌيڪ ماليت جون 17 ٻڪريون چوري ڪري ويا، پوليس چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي