ڪراچي ۾ وسڪاري کانپوءِ وڏو وزير صوبائي وزيرن سان گڏ رستن تي نڪري آيو

0
233
ڪراچي ۾ وسڪاري کانپوءِ

ڪراچي ۾ وسڪاري کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه سان گڏ رستن تي نڪري آيو

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وزيرن شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ وارن انتظامن جو جائزو ورتو

صوبائي وزير سعيد غني به ريڊيو اسٽيشن ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ۽ انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڪيون

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪابينا جا ميمبر، انتظاميا ۽ مشينري رستن تي موجود آهن، جن به علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي اهو فوري طور نيڪال ڪيو وڃي

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته مسئلو وسيلن جو نه پر نيت سان ڪم ڪرڻ جو آهي، دعا ڪيون ٿا ته ٻين صوبن ۾ به برسات سبب ڪو نقصان نه ٿئي