ڪراچي ۾ هواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث پيءَ پٽ گرفتار

0
261
ڪراچي ۾ هواله هنڊي جي ڪاروبار
ڪراچي ۾ هواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث پيءَ پٽ گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، هواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث پيءَ پٽ گرفتار، ايف آءِ اي جي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل خالد بن وليد روڊ تي ڪارروائي ڪئي.

ترجمان موجب ڪارروائي دوران محمد ياسين ۽ سندس پٽ محمد ياسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان 5 ڪروڙ پاڪستاني رپيا، 34 هزار 300 ڊالر، 200 يورو، پرائيز بانڊ، زيور، موبائيل فون ۽ ليپ ٽاپ هٿ ڪيا ويا آهن،

جوابدار پيءَ پٽ گھر ۾ هواله هنڊي جو ڪاروبار ڪندا رهيا آهن، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي