ڪراچي ۾ هجوم هٿان 2 سنڌي نوجوانن جو قتل: 34 جوابدار گرفتار

0
367
ڪراچي ۾ هجوم هٿان 2 سنڌي نوجوانن جو قتل
ڪراچي ۾ هجوم هٿان 2 سنڌي نوجوانن جو قتل: 34 جوابدار گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ هجوم هٿان ٻن ملازمن جي وحشياڻي قتل کانپوءِ پوليس جو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ پاران 34 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي
عرفان بلوچ چيو آهي ته وڊيوز جي مدد سان 5 جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري چڪا آهيون، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، ڪنهن به جوابدار کي بخش نه ڪنداسين
ٻن سنڌي نوجوانن کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت 265 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جن ۾ 15 سڃاتل جوابدار نامزد آهن
مقتول اسحاق جي چاچي جي فرياد تي ڊاڪس ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، گذريل ڏينهن مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم موبائل ٽاور جا سگنل چيڪ ڪرڻ لاءِ پهتل ٻن ملازمن کي وحشياڻي انداز ۾ ماري ڇڏيو هو
ٺٽو واسي ايمن جاويد ۽ نوشهروفيروز واسي اسحاق پنهور کي اغواڪار سمجهي بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ شهرين هٿان تشدد ڪري ماريل 2 ڄڻا موبائيل ڪمپني جا ملازم نڪتا

ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ٻن سنڌي نوجوانن جي تدفين