ڪراچي ۾ نينگري سان مبينا زيادتي جي الزام ۾ پيرسن شخص جي تذليل

0
242
ڪراچي ۾ نينگري سان مبينا زيادتي
ڪراچي ۾ نينگري سان مبينا زيادتي جي الزام ۾ پيرسن شخص جي تذليل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ پيرسن شخص تي نينگري سان مبينا طور زيادتي جو الزام مڙهي کيس تذليل جو نشانو بڻايو ويو، واقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي
پوليس موجب علائقي واسين بيان ڏنو آهي ته جوابدار مشتاق ميمڻ ڏهن ورهين جي نينگري سان زيادتي ڪئي آهي
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته الزام هيٺ آيل پيرسن شخص جو منهن ڪارو ڪري کيس تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي
ملير ڪينٽ ٿاڻي تي نينگري جي پيءُ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نينگري جي وارثن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي