ڪراچي ۾ نينگري جو زيادتي بعد قتل: ڌيءَ کي منھنجي ننڍي ڀاءُ قتل ڪيو آھي:فريادي ياسين

0
245
شھدادپور ۾ يتيم نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
شھدادپور ۾ يتيم نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گذريل ڏينھٿن زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري جو ڪيس چاچي مٿان داخل ڪيو ويو آھي،  لائنز ايريا ۾ 12ورهين جي نينگري جي زيادتي بعد قتل واري معاملي ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آھي

پوليس موجب مقتولا نينگري جي پيءُ  ياسين جي فرياد تي ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي، نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو ھو

پوليس موجب فريادي ياسين جو چوڻ آھي تھ منهنجي ڌيءُ جي قتل  ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ مجيب الله عرف  نديم ملوث آهي

ھن چيو تھ منھنجي ڀاءُ منھنجي نياڻي کي زيادتي بعد قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچايو، انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ملير جي قائدآباد واري علائقي ۾ معصوم نينگري زيادتي بعد قتل، اي ايس آءِ ۽ وڏو منشي معطل