اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سنڌ صوبي ۾ ٻئي مرحلي دوران ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ 23 آڪٽوبر 2022ع تي مڪاني چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي 8 تڪن تي 16 آڪٽوبر تي ضمني چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو تفصيل موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ صوبي اندر مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي تي غور ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 23 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن ۾ بلدياتي چونڊن بابت حڪومت سنڌ ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، جيئن ٻوڏ صورتحال ۽ حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ تي غور ٿي سگهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي، حيدرآباد ڊويزن ۾ چونڊن لاءِ پولنگ جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري سبب خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي 8 تڪن تي چونڊن بابت فيصلو ڪيو ويو ته پولنگ 16 آڪٽوبر تي ٿيندي، جن تڪن ۾ اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور، اين اي 45 ڪرم ايجنسي، اين اي108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪاڻه صاحب، اين اي 237 ملير، اين اي 239 ڪورنگي ڪراچي شامل آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته اين اي 157 ملتان ۽ ٽن پنجاب اسيمبلي جي سيٽن تي 9 آڪٽوبر 2022ع تي پولنگ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي، پر ان ڏينهن تي عيد ميلاد النبي متوقع آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ به اين اي 157 ملتان ڪيس جي ٻڌڻي دوران 9 آڪٽوبر تي عيد ميلاد النبي متوقع هجڻ ڪري  اليڪشن ڪميشن کي پولنگ تاريخ تبديل ڪرڻ جو چيو آهي جنهن ڪري هاڻي اين اي 157 ملتان ۽ پنجاب اسيمبلي جي ٽن تڪن تي به پولنگ 16 آڪٽوبر آچر ڏينهن ٿيندي.