ڏيئي(ن پ ا)   کڏهرو لڳ مير فارم جي رهواسڻ مزدوري لاءِ ويل شادي شده ناري شريميتي لڇو زال جمعون ڪولھي ڪراچي مان گم ٿي وئي آهي. ناري جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. گم ٿيل ناري لڇو ڪولھي جي مڙس جمعون ڪولھي ٻڌايو ته سندس زال گارمينٽ فيڪٽري ۾ مزوري ڪندي هئي 12 سيپٽمبر تي پگهار کڻڻ وئي ته گم ٿي وئي آهي. هن آء جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي آهي ته سندس گهر واري کي اغوا ڪيو ويو آهي. جنهن کي بازياب ڪرايو وڃي.