ڪراچي ۾ ليڊي پوليس اهلڪار تي تيزاب سان حملو

0
249
ڪراچي ۾ ليڊي پوليس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ تيزاب حملي جو واقعو رپورٽ ٿيو آهي، ليڊي پوليس ڪانسٽيبل ۽ سندس ڀاءُ حملي ۾ متاثر ٿيا آهن

ريسڪيو ذريعن موجب گلزار هجري ٿاڻي جي حد ۾ عورت ۽ مرد مٿان تيزاب اڇليو ويو، جن جي 22 ورهين جي سارا ۽ 30 ورهين جي عثمان طور سڃاڻپ ٿي، جڏهن ته حملي جو شڪار ٻئي ڀيڻ ڀاءُ آهن

پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سڙي زخمي ٿيل ليڊي ڪانسٽيبل آهي، جنهن جي پوسٽنگ سهراب ڳوٺ ٿاڻي سي آر ۾ هئي، واقعي بعد هو ٿاڻي مان واپس اچي رهي هئي ته اڻڄاتل ماڻهن مٿس تيزاب سان حملو ڪيو

زخمي ٿيل ڪانسٽيبل جي ڀاءُ رضوان بيان ڏنو آهي ته موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدار اسان مٿان تيزاب سان حملو ڪيو، حملي ۾ ڀيڻ جو چهرو متاثر ٿيو آهي، اکين کي به نقصان پهتو آهي