ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي واپارين بجلي جي لوڊشيڊنگ تان ڪي اليڪٽرڪ خلاف پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ مظاهرو ڪيو، جنهن کي ڪراچي واپاري اتحاد جي اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ سبب ڪاروبار کي سخت نقصان ٿي رهيو آهي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.