ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ کان ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ، بجلي جي چوري ۽ ڪنڊن بابت هڪ مهيني ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه سيده ماريه رضا پاران شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل ٻڌايو ته نيپرا طرفان 7 جولاءِ 2022ع تي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، بجلي جي چوري ۽ ڪنڊن بابت ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيپرا کي لوڊ شيڊنگ بابت خط لکيا آهن، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي گلشن اقبال ۾ غير قانوني لوڊ شيڊنگ جو معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪئي هئي.