جوهي (ن پ ا) ڪراچي ۾ اڳوڻي مڙس هٿان مبينا قتل ٿيل  جوهي واسڻ عورت زاهدان لنڊ جي قتل معامري ۾ ناري جي پي امير بخش لنڊ جوهي ٿاڻي تي اغوا  جو ڪيس داخل ڪرايو آھي،  ڪيس  ۾ عورت جي اڳوڻو مڙس غلام شبير لنڊ، گلڻ، لعل بخش،رجب، کي نامزد ڪيو ويو آھي، ناري جي پي ايف آء آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جوهي شھر وليو فقير قبرستان لڳ واهي پانڌي اسٽاپ تان مذڪوره جوابدارن هٿيارن جي زور تي ڌي کي اغوا ڪري، ويا، مان پنهنجي نيڪ مردن کي دانهن ڏني جنهن جوابدارن کان ڌي واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، گذريل اڱاري ڏينهن صبح جو جوابدار جي ڀاء فون ڪري ٻڌايو ته اوهان جي نياڻي ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي آھي، جنهن جي لاش جوهي اسپتال پهچايو آھي، ٻي طرف جوهي پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن موجب ناري ڪراچي ۾ قتل ٿي آھي جوهي ٿاڻي جي حد ۾ قتل نه ٿي آھي قتل ڪيس واقعي واري حد جي ٿاڻي ۾ داخل ٿيندو. رات دير سان ناري جو لاش جوھي اسپتال مان وارثن وصول ڪري ورتو هو.