ڪراچي ۾ قتل ٿيل مختيارڪار جي خون سان انصاف لاءِ مٺياڻي ۾ شٽربند هڙتال: وڏي وزير کي خط

0
166
ڪراچي ۾ قتل ٿيل مختيارڪار جي

ڪراچي ۾ قتل ٿيل مختيارڪار واري واقعي خلاف مٺياڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي

مقتول مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي وارثن، سياسي سماجي مذهبي ۽ قومپرست تنظيمن پاران  شٽربند هڙتال ڪرائي ريلي ڪڍي وئي

وارثن جو چوڻ آهي ته مختيارڪار اعجاز چانڊيو هفتو اڳ  ڪراچي جي منگهوپير واري علائقي ۾ لينڊ مافيا هٿان قتل ٿي ويو

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ممتاز چانڊيو پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي جي آئي ٽي جوڙڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي ڇڏيو

ايم پي اي ممتاز چانڊيو چيو آهي ته واقعي واري ڏينهن پوليس اعجاز چانڊيو کي سيڪيورٽي ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

هن لکيو ته مختيارڪار جي زخمي ٿيڻ جي ٻن ڪلاڪن بعد پوليس پهچي کيس اسپتال منتقل ڪيو، پوليس هن وقت تائين مک جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، نوٽيس ورتو وڃي

ھي به پڙھندا

پوليس اھلڪارکي شھيد ڪندڙ جوابدار بااثر شخصيت جو پٽ نڪتو