ڪراچي ۾ علاج لاءِ آيل نوابشاهه واسي اٺين درجي جي شاگردياڻي اغوا، پنجاب مان نڪاح نامو موڪلڻ جو انڪشاف

0
324
ڪراچي ۾ علاج لاءِ آيل

ڪراچي (رپورٽ: صدام ڪولاچي)نوابشاهه مان ڪراچي علاج لاءِ آيل نينگري مبينا طور اغوا ٿي وئي، وارثن ڪورنگي جي زمان ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 14 ورهين جي ثناءَ جمالي کي 6 آگسٽ تي اغوا ڪري پنجاب نيو ويو، جتان ڪوڙو نڪاح نامو موڪليو ويو آهي

اٺين درجي جي شاگردياڻي ثناءَ جمالي جي وارثن الزام هنيو آهي ته پنجاب جي علائقي بکر واسي جوابدار  نينگري کي 6 آگسٽ تي اغوا ڪيو، جنهن بعد ڪجهه ڏينهن بعد نينگري جي واٽس ايپ ذريعي نڪاح نامو موڪليو ويو

شاگردياڻي جي وارثن دعويٰ ڪئي آهي ته نادرا جي سرٽيفڪيٽ موجب ثناءَ جي عمر 14 سال آهي، زمان ٽائون ٿاڻي ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪرڻ بدران مامرو گارڊ هيڊ ڪوارٽر موڪلي ڇڏيو آهي، اُتان به ڪا اڳڀرائي جي خبر ناهي آئي

ثناءَ جمالي جي وارثن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين کان نوٽيس وٺي شاگردياڻي کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

ڪنري: پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ جو قتل: 3 ڄڻن جي گرفتاري ظاھر