ڪراچي ۾ طوفاني هوائن دوران حادثا ۽ واقعا: 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

0
237
ڪراچي ۾ طوفاني هوائن دوران حادثا ۽ واقعا
ڪراچي ۾ طوفاني هوائن دوران حادثا ۽ واقعا: 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي ۾ تيز هوا گهُلڻ دوران مختلف حاثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، مختلف علائن ۾ وڻ پاڙان پٽجي ويا آھن

اورنگي ٽائون، گلشن معمار ۽ ناردرن باءِ پاس تي گهرن جا ڇپرا اُڏامي ويا، گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ هوائن جي رفتار 63 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ آهي، شهر ۾ سڀاڻي سيءُ جي لهر وڌڻ جا امڪان آھي