ڪراچي ۾ سون چوري وارو مامرو، پوليس پاران وڌيڪ 6 ڪلو سون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

0
304

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ شاپنگ مال مان مبينا سون چوري واري مامري ۾ پوليس کي وڌيڪ ڪاميابيون ملي ويون، پوليس موجب گرفتار جوابدار آصف ۽ وسيم کان جاچ دوران وڌيڪ 6 ڪلو 81 گرام سون هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ٽيڪنيڪل ڊيٽا ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز مان جاچ ۾ گهڻي مدد ملي، جنهن تحت باقي سون هٿ ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دڪان جي مالڪ جوابدارآصف سون چوري جو ڊرامو رچايو هو جيڪو پاڻ ئي ملوث نڪتو هو، جنهن جي قبضي مان 3 ڪلو سون بر آمد ڪيو هو.