راڻيپور (ن پ ا) ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاھڻ خلاف قومپرست سٿ پاران راڻيپور کير بازار کان ريلي ڪڍي باب دستگير گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نذير کوکر، شوڪت گهانگهرو، امداد لاڙڪ ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاھڻ ھڪ سازش آهي، جيڪا ڪنھن به صورت ۾برداشت نه ڪئي ويندي، هنن چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي اڪيلا ناهن، اسان ساڻن گڏ آهيون.