ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سنجهوري واسي ڊاڪٽر بيربل ٽارگيٽ بڻائي قتل، سندس اسسٽنٽ زخمي، صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، گارڊن واري علائقي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي گڊ لڪ شادي هال وٽ هٿياربندن ڊاڪٽر بيربل جي ڪار تي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب 64 ورهين جو ڊاڪٽر بيربل موقعي تي مارجي ويو، سندس اسسٽنٽ قرعت العين زخمي ٿي پئي، اطلاع تي پوليس جاءِ واردات تي پهتي، ڪرائيم سين يونٽ کي به طلب ڪيو ويو، ڊاڪٽر جو لاش ۽ زخمي اسسٽنٽ کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪرائيم سين يونٽ جاءِ واردات تان شاهديون گڏ ڪيون. واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آيا، جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر بيربل جي ڪار تيز رفتاري سان اچي رڪجي وڃي ٿي، ڪار جو هڪ دروازو به کليل آهي. پوليس موجب ڪار تي فائرنگ هڪ ٿاڻي جي حد ۾ ڪئي وئي، ڪار ٻئي ٿاڻي جي حد ۾ اچي بيٺي. ايس ايس پي سٽي عارف عزيز جناح اسپتال پهچي زخمي اسسٽنٽ کان معلومات ورتي ۽ ڊاڪٽر بيربل جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب جاءِ واردات تان نائن ايم ايم جا 2 خول مليا آهن، ڊاڪٽر بيربل کي مٿي ۾ هڪ گولي لڳي، جيڪا جان ليوا ثابت ٿي، اسسسٽنٽ قرعت العين کي هڪ گولي لڳي، قرعت العين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. هن چيو ته وارثن موجب ڊاڪٽر ڪڏهن به ڌمڪين جو ذڪر نه ڪيو، وارثن موجب ڪنهن سان به دشمني ناهي، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب ابتدائي جاچ موجب هٿياربندن جو تعداد 2 هو، جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار هئا. هن چيو ته ڪجهه شيون آهن، جن کي في الحال ڊسڪلوز نٿا ڪرڻ چاهيون. هن چيو ته قرعت العين هن وقت بيان ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، کانئس بعد ۾ بيان ورتو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر رنڇوڙ لائين کان وڃي رهيو هو اهو ڊاڪٽر جو معمول جو روٽ هو. قرعت العين ابتدائي بيان ۾ ٻڌايو ته مون کي گولي لڳي، رت وهڻ لڳو ته مون ڊاڪٽر کي ڏٺو، ڊاڪٽر کي مٿي ۾ گولي لڳل هئي مون ڪار جو دروازو کولي مدد لاءِ رڙيون ڪيون، مون جوابدارن کي نه ڏٺو. ھوڏانھن اقليتن واري کاتي جي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ڊاڪٽر بيربل جي قتل جو نوٽيس وٺندي آئي جي سنڌ سان فون تي رابطو ڪيو. صوبائي وزير آئي جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. صوبائي وزير واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي