ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي سرڪاري اگهه تي اٽو وڪڻندڙ گاڏي کان ڦرلٽ جي ڪوشش، اسسٽنٽ ڪمشنر جي گن مين فائرنگ ڪري 2 جوابدارن کي ماري وڌو، 2 فرار ٿي ويا، پوليس موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ بلال چورنگي وٽ لانڍي جي اسسٽنٽ ڪمشنر مونس احمد جي آفيس سامهون سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو ڪيو پي ويو، انهي دوران ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن پهچي ڦرلٽ شروع ڪئي. پوليس موجب اسسٽنٽ ڪمشنر جي گن مين عامر هٿياربندن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا مارجي ويل هڪ جوبدار جي سڃاڻپ سعيد احمد ولد عرفان طور ٿي، ٻئي جوابدار جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي. جوابدارن جي قبضي مان موٽر سائيڪل، پستول ۽ خنجر هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل جوابدارن جا لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا