ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي ڦر واردات، بلڊر کان 5 ڪروڙ 94 لک رپيا ڦر، ان ڏس ۾  بهادرآباد ٿاڻي جي حد ۾ سپر اسٽور وٽ 4 هٿياربند بلڊرراحيل عبدالغفار کان 5 ڪروڙ 94 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثر بلڊر ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڄاڻايو آهي ته  اڱاري جي رات جو 11 وڳي  مون پنهنجي ڊرائيور بختيار سان گڏجي گاڏي جي ڊگي ۾ پئسن سان ڀريل 4 ڪارٽون رکيا، جن ۾ 5 ڪروڙ 94 لک هئا، اسان جيئن ئي بهادرآباد ۾ سپر اسٽور وٽ پهتاسين  ته هڪ گاڏي اڳيان اچي اسان کي روڪيو، جنهن ۾ 2 جوابدار سوار هئا، انهي دوران موٽرسائيڪلن تي وڌيڪ 2 جوابدار آيا، اهي اسان کي لاهي  ڪار ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، بلڊر  موجب جوابدار شلوار قميص ۾ ملبوس هئا. پوليس موجب جوابدار اڳتي وڃي ڪار ڇڏي پئسا کڻي فرار ٿي ويا،، سي سي ٽي وي فوٽيجن جي مدد سان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي