ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زين بلڊرز ۽ ٿارا گروپ جي سهڪار سان متعارف ڪرايل باوقار پراجيڪٽ افروز موبائيل مال اينڊ ريزيڊنسي جي لانچنگ تقريب گذريل ڏينهن پراجيڪٽ جي سائيٽ آفيس تي منعقد ٿي. تقريب ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ پراجيڪٽ ۾ پنهنجي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ڪورنگيءَ جي سڀ کان وڏي ۽مصروف موبائيل مارڪيٽ سان گڏ واقع افروز موبائيل مال ۽ ريزيڊنسي ڪاروبار ۽ رهائش لاءِ هڪ شاندار پراجيڪٽ آهي. مال ۾ چئني طرفن کان داخلا جي سهولت ڏني وئي آهي. لانچنگ تقريب ۾ عوام جي لاءِ هڪ رنگارنگ ميوزيڪل نائيٽ جو به اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ نعيم عباس روفي، سليم جاويد، لڪي علي، پرويز صديقي  ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.