ڪراچي ۾ ريٽائرڊ پوليس آفيسر کان ريٽائرمينٽ جا 18 لک ڦرجي ويا

0
401

ڪراچي: اعظم بستي ويجهو ريٽائرڊ پوليس آفيسر احسن رئوف کان ڦر جي واردات ٿي، جوابدار رٽائرڊ پوليس آفيسر کان 18 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا. رٽائرڊ پوليس آفيسر بئنڪ مان پئسا کڻي ٻاهر آيو ته جوابدارن سندس پيڇو ڪيو، ڦر دوران پوليس آفيسر مزاحمت ڪئي ته جوابدارن مٿس تشدد پڻ ڪيو. رٽائرڊ پوليس آفيسر پنهنجي 25 سالن جي سروس جي رٽائرمينٽ جي رقم بينڪ مان کني نڪتو هو، پوليس موجب جوابدارن کي اڳواٽ ئي پتو هو ته پوليس آفيسر وٽ ڪيترو پيسو آهي ۽ هن اهو ڪٿي رکيو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.