نوري آباد (ن پ ا) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي  جو قافلو غازي ڳوٺ ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج ۾ شرڪت لاءِ مرڪزي صدر سيد زين شاھ ۽ ٻينجي اڳواڻي ۾ نوري آباد پهتو، ان موقعي تي زين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ڪراچي جي سنڌي وسندين کي سازش تحت ڊاهيو پيو وڃي،  جنهن عمل جي مذمت ڪيون ٿا، ھن چيو تہ ڪراچي مان ڌرتي ڌڻين جا گهر ڊاھي ڌاري آباد ڪاري آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي ڪڏھن بہ اڪليو نہ ڇڏينداسين، ھن چيو تہ اسان پنهنجي ماڻهن جي مالڪي چڱيءَ ريت ڪرڻ ڄاڻون ٿا.