ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي کي هدايت ڪئي آهي ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سحري توڙي افطار وقت لوڊشيدنگ نه ڪئي وڃي، جڏهن ته روزي دوران لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي، هن چيو ته لوڊشِڊنگ جي ڪري ڪاروباري طبقو شديد متاثر ٿئي پيو، ان موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او چيو ته ڪراچي جي 246 فيڊرن تي بلن جي ادائگي جي شرح زيرو آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿئي ٿو، صوبائي وزير کيس هدايت ڪئي ته ڪنڊا سسٽم جو خاتمو آڻيملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪريو، بجلي جي بلن جي ادائگي لاءِ  چونڊيل نمائندن کان مدد وٺو.