ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻا فوت ٿيڻ وارو ڪيس: فيڪٽري مئنيجر سميت 8 جوابدارن جو رمانڊ منظور

0
230
ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻا فوت ٿيڻ وارو ڪيس
ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻا فوت ٿيڻ وارو ڪيس: فيڪٽري مئنيجر سميت 8 جوابدارن جو رمانڊ منظور

ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻا فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار فيڪٽري مئنيجر سميت 8 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

پوليس فيڪٽري جي مئنيجر سميت 8 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ گهريو، عدالت 14 ڏينهن بدران 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو

فيڪٽري مالڪ سميت 8 ڄڻن خلاف داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته فيڪٽري انتظاميا راشن ورهائڻ دوران اين او سي نه ورتو هو

پوليس يا انتظاميا کي به آگاهه نه ڪيو ويو، چوڪيدار حسين زاده جيئن ئي فيڪٽري جي گيٽ سان گڏ ننڍو دروازو کوليو ته ماڻهن اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻهو لتاڙجي فوت ۽ زخمي ٿيا

سانحي ۾ فوت ٿيل ميرپور ماٿيلو واسي عورت شهزادي شيخ جو مڙهه ماڪو ڳوٺ پهچايو ويو، فوتي عورت جي پٽ لياقت شيخ چيو ته ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهيان، امڙ پني گذارو ڪندي هئي، سائيٽ جي فيڪٽري ۾ زڪوات وٺڻ وئي ته ڀاڄ دوران لتاڙ ۾ فوت ٿي وئي

هن کي به پڙهندا

راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻن جي لتاڙجي فوت ٿيڻ جو فيڪٽري مالڪ سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ: فوتين جو انگ 11ٿي ويو: فيڪٽري مالڪن جو گهيرو تنگ