ڪراچي ۾ تازين ڀاڄين ۽ ميوات جي آمد: مهانگائي برقرار

0
458
ملڪي معيشت مهانگائي

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تازين ڀاڄين ۽ ميوات جي آمد باوجود شين جي اگهه ۾ گهٽتائي نه آئي، ڪيلا 200 رپيا في ڊزن، چيڪو 150، سردو 140، گدرا 100، صوف 280، بادام ۽ آلوبخارا 400 رپيا في ڪلو تي بيٺل رهيا، جڏهن ته ٽماٽا ۽ بصر 60، پٽاٽا 50، ميها ۽ ڀينڊيون 160، پيز 140، گوار ۽ توريون 120 رپيا في ڪلو وڪامي رهيون هيون.