ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرجاڻي ٽائون ۾ بورچي تي تشدد: ويڊيو وائرل: ايڊيشنل آءِ  جي پاران جاچ جو حڪم، ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب تشدد جو شڪار شهري مدثر  مقامي ريسٽورنٽ ۾ بورچي آهي، مدثر جو ٻن ساٿي ورڪرن سان بحث ٿيو، جنهن  دوران  هن ساٿي ورڪرن جي قبيلي بابت گهٽ وڌ ڳالهايو، ترجمان موجب انهي واقعي بعد ڪجهه ماڻهو مدثر کي  کنڀي مارڪٽ  بعد ناردرن باءِ پاس وٽ ڇڏي ويا، ترجمان موجب  سرجاڻي ٽائون ٿاڻي تي  مدثر جو  بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جلد ڪيس داخل ڪيو ويندو،