ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪنزيومر سيل جي ڊي جي جمال الدين جلالاڻي نارٿ ناظم آباد ۾ قائم اسماعيل نمڪو جي دڪاندار خلاف ڪنزيومر ڪورٽ سينٽرل جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪنزيومر سيل لاڳاپيل نمڪو دڪان جو معائنو ڪيو،  جتي کاڌي پيتي جي شين تي مدو ختم ٿيڻ  جي تاريخ  ۽ قيمت لکيل نه ھئي، لاڳاپيل دڪان کي نوٽيس موڪليو ويو پر ڪو به جواب نه ڏنو ويو، لاڳاپيل دڪاندار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت صارف سيل جي درخواست تي دڪاندار کي نوٽيس جاري ڪندي 3 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو