ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سانوڻي جي برساتن  جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه پاران لاڳاپيل ادارن کي سخت اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته  برساتن دوران سمورن مڪاني ادارن ۾ مڪمل طور تي هاءِ الرٽ  ڪري  ايمرجنسي لاڳو  ڪبي گلستان ظفر، يوسف ڳوٺ، ناگن چورنگي ۽ شاهراهه فيصل نالن جي رواني جاري رکڻ ۽ مرڪزي شاهراهن کي 24 ڪلاڪ پاڻي سان ڪليئر رکڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون پيون وڃن، هن ٻڌايو ته انڊر پاسز ۽ هيٺين علائقن ۾ خاص طور تي ڌيان ڏيڻ لاءِ به ٽيمون جوڙيون ويون آهن. ٻئي طرف ڊي ايڇ اي ۽ سي بي سي طرفان هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشقون ڪيون ويون،  خيابان شهباز ۾ مشقن دوران هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريهرسل ڪئي وئي ڊائريڪٽر ڪرنل رٽائرڊ ڪاشف موجب  ريپيئر اينڊ ريڪوري سينٽر، انفارميشن سينٽر، 13 ڊي واٽرنگ ٽيمون تيار ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڊي ايڇ اي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ 4 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن