ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بدامني برقرار: مانسهره واسي پورهيت قتل، ميڊيسن ڪمپني ۾ 15 لکن جو ڌاڙو:  شهر ۾ پوليس  ڪمانڊوز به مقرر: اورنگي ٽائون جي علائقي مومن آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 25ورهين جي اشفاق ولد غلام نبي کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعو ڦر دوران مزاحمت تان پيش آيو، ڇاڪاڻ ته مقتول جو موبائل فون به گم آهي، مانسهره واسي مقتول روزگار سانگي ڪراچي آيو هو، هتي فيڪٽري ۾ ملازمت ڪندو هو،ٻئي طرف ڪراچي جي سچل واري  علائقي ۾ بلاول شاهه نوراني ڳوٺ ۾هٿياربند ميڊيسن ڪمپني جي آفيس مان 15 لک روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا، ڦر واردات جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آيا، جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شلوار قميص پاتل 3 هٿياربند موٽر سائيڪل تي پهچي ملازمن کي يرغمال بڻائي 15 لک روڪ، پرس ۽ موبائيل فون ڦر ڪن ٿا، بشير شيخ موجب صبح جو ساڍا 10 هين وڳي ڦر واردات ٿي، فوٽيجز ۾ جوابدارن جا چهرا به واضح آهن، ٻئي طرف ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ هاٽ اسپاٽ تي ايس ايس يو ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا، جيڪي ڏوهن جي روڪٿام لاءِ علائقائي پوليس جي مدد ڪندا، اهي ڪمانڊوز ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندا، مددگار 15 تي اطلاع جي صورت ۾ به فوري طور ريسپانس ڏيندا. ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ موجب ڪمانڊوز تربيت يافته ۽ جديد هٿيارن سان ليس هوندا، ڪمانڊوز جي مقرري جو مقصد شهرين کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ آهي