ڪراچي ۾ بائيڪا رائيڊر جي قتل ۾ ٽڪ ٽاڪر ملوث نڪتو

0
224
بائيڪا رائيڊر جي قتل ۾ ٽڪ ٽاڪر ملوث
ڪراچي ۾ بائيڪا رائيڊر جي قتل ۾ ٽڪ ٽاڪر ملوث نڪتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بائيڪا رائيڊر جي قتل ۾ ٽڪ ٽاڪر ملوث نڪتو، ڪيس ۾ 3 جوابدار گرفتار، سچل واري علائقي ۾ بائيڪا رائيڊر عمران کي ڦر مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو.

ايس ايس پي اوڀر قمررضا جسڪاڻي ٻڌايو ته عمران سميت 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، وارڌات ۾ گرفتار جوابدار عمران انڪشاف ڪيو آهي ته هن جو هڪ ڦورو ٽولي سان واسطو آهي ۽ اسان کي ڦر جي وارڌاتن لاءِ هٿيار ۽ سهولت هڪ ٽڪ ٽاڪر ياور ۽ يونس فراهم ڪندا آهن،

هنن ٻڌايو ته بائيڪا رائيڊر عمران کي قتل ڪرڻ واري ڏينهن به اسان ياور جي چوڻ تي ڦر جي ارادي سان نڪتاسين ۽ 3 موٽرسائيڪلن تي 5 ڄڻا هئاسين، وارڌات وقت ڪامران، عمر فاروق ۽ يوسف گڏ هئا، جڏهن ته عابداشرف ۽ عمران بيڪ اپ تي هئا،

بائيڪا رائيڊر عمران کي ڦر جي اداري سان روڪيو ان موبائل ڏيڻ دير جنهن تان ڪامران کيس مٿي ۾ پسٽل جو بٽ هڻڻ چاهيو ته ان موقعي تي پسٽل مان گولي هلي وئي جيڪا عمران کي مٿي ۾ لڳي.

ايس ايس پي موجب جوابدارن وٽان مقتول عمران کان ڦر ڪيل موبائل فون ۽ ڪورنگي مان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ملي آهي، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن