ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڳوڻي ايس ايچ او هارون ڪورائي جي گھر تي حملو ڪري گھريلو ملازمه کي قتل ڪرڻ وارو معاملو، حملي جو ڪيس ٻن اڻڄاتل جوابدارن تي داخل، پوليس جاچ ۾ اڳڀرائي نٿي سگھي. 2 ڏينهن اڳ سعدي ٽائون ۾ ٻن جوابدارن اڳوڻي ايس ايچ او هارون ڪورائي جي گھر تي حملو ڪيو. ان دوران جوابدارن خنجر جا وار ڪري گھريلو ملازمه مغلي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ آساني سان فرار ٿي ويا هئا، ان حملي جو ڪيس سچل ٿاڻي تي اڳوڻي ايس ايچ او جي پٽ عامر ڪورائي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. عامر ڪورائي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته آئون پنهنجي روم ۾ موجود هوس ته اوچتو گوڙ ٿيو، مون سمجھيو ته منهنجي ماءَ ننڍي ڀاءَ کي ڪنهن ڳالهه تان ماري رهي آهي، تمام گھڻو گوڙ ٿيڻ تي آئون جيئن ئي پهرين ماڙ تي پهتس ته هڪ شخص جي هٿ ۾ خنجر ۽ پاسي ۾ پستول لڳل هو، اهو گھريلو ملازمه مغلي تي خنجر جا وار ڪري رهيو هو. آئون کيس بچائڻ لاءِ اڳيان وڌيس ته اهو شخص مون کي مارڻ لاءِ ڀڳو ۽ آئون ڊوڙندو هيٺ پهتس ۽ دروازو اندران بند ڪري ڇڏيم، ٿوري دير بعد خاموشي ٿي ته آئون ٻاهر نڪتس ۽ گھريلو ملازمه کي اسپتال وٺي وياسين جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏ مون کي ۽ منهنجي گھرڀاتين کي قتل ڪرڻ آيو هو، هن ملازمه کي گھرڀاتي سمجھي قتل ڪيو. پوليس فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي پر اڃا تائين جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نٿي سگھي آهي. پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي پئي وڃي.